ڀٽو نور محمد

ڀٽو نور محمد

ڀٽو نور محمد

ڀٽو، نور محمد: ليکڪ ۽ صحافي نور محمد ولد علي محمد ڀٽو، 14 جنوري 1955ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو) تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم خيرپور ميرس، مئٽرڪ رضا ميموريل هاءِ اسڪول حيدرآباد ايم. اي جي ڊگري سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي. سنڌي شارٽ هينڊ ۽ ٽائپنگ جا ڪورس به ڪيا. لکڻ جو آغاز مختلف اخبارن ۾ مضمون لکڻ سان ڪيو. روزاني ’خادم وطن‘حيدرآباد جي شاگردن واري صفحي جو انچارج به رهيو. مختلف رسالن ۾ سندس ڪهاڻيون به شايع ٿيون. هي گريجوئيٽس ائسوسيئيشن آف پاڪستان، ينگ رائٽرس گِلڊ سنڌ، حيدرآباد ۽ ڀٽو ويلفيئر ائسوسيئيشن ضلع حيدرآباد سان به واڳيل رهيو آهي. ملازمت جي سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي ڊپارٽمينٽ ڪراچي، ڳوٺاڻي ترقياتي کاتي، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي، سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۽ تعليم کاتي حيدرآباد ۾ مقرر رهيو. نور محمد ڀُٽي ٽه ماهي ’پرک‘ رسالو (ڪوٽڙي) به جاري ڪيو. ’سج‘ پبليڪيشن حيدرآباد قائم ڪري مختلف معلوماتي ڪتابڙا شايع ڪـيا جـن ۾: (1) ’درياهه توتي دانهن‘، (2) ’سـوجهرو سوجهرو‘، (3) ’ڏات جــي ڏيـــهـه ۾‘، (4) ’نئون سج‘، (5) ’ويا سي وينجهار‘، (6) ’سـنڌ جا تعليمي ماهر‘ (9 ڀاڱا)، (7) ’ٻاراڻو ادب (2 ڀاڱا)‘، (8) ’حيدرآباد جي مختصر تاريخ‘، (9) ’عظمتن جا مينار‘، (10) ’صحافت جي تاريخ ‘، (11) ’ڀٽو خاندان‘ (4 ڀاڱا)، (12) ’آواز جو سفر‘، (13) ’تاريخ سان ڳالهه ٻولهه‘، (14) ’شخصيات‘ (3 ڀاڱا)، (15) ’ٽين دنيان جو مفڪر، ذوالفقار علي ڀٽو‘، (16) ’وڃايل ورثو تاريخ جي تناظر ۾‘، (17) ’تقسيم هند ۽ نسلي ويڇا‘، (18) ’ڪجهه پنهنجا قصا ڪجهه پرين جي پچار، شاهنواز مهيسر جي آتم ڪٿا‘، (19) ’ڀٽو خاندان جو الميو‘ (شاهنواز مهيسر)، (20) ’هن صدي جي 82 سالن جي ٻٽاڪ‘ (محمد جمن جي بلوچ جي آتم ڪٿا) (21) ’شوڪت ڌماچ جي شاعري جا 3 مجموعا‘ (22) ’سکئي جي ڀر ۾‘، (23) ’هڪ سج ٻه پاڇا‘، (24) ’ڇڻيل گل (ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو جي ڪهاڻين جو مجموعو) شامل آهن صحافتي حوالي سان روزاني ’عبرت‘، روزاني’خلق‘۽ روزاني’مهراڻ‘ حيدرآباد۽ هفتيوار اخبار ’خواتين‘ ڪراچي، ’جاگو‘ ڪراچي ۾ ڪم ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.01.14  عيسوي

ليکڪ ۽ صحافي نور محمد ولد علي محمد ڀٽو، 14 جنوري 1955ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو) تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خاتمي سيد محمد
ديدار حسين شاهه جسٽس
رائيٽ ڀائر
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
شرت ڀڳتياڻي
ڄام سيف الله ڌاريجو:
سمر سجوڙو
صدام حسين
حاجي علي محمد کوسو
ڄاموٽ سيد حسن علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون